حاجي محمد عظيم اعواڻ

حاجي محمد عظيم اعواڻ: حاجي محمد عظيم اعواڻ، 1865ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم جا فقط چار درجا پڙهي 15 سالن جي عمر ۾ سول ڪورٽ شڪارپور ۾ بيلف جي نوڪري ڪيائين. ڪجهه مهينن کان پوءِ استعيفا ڏئي، پوليس کاتي ۾سپاهي ٿيو. اها ملازمت به 1889ع ۾ ڇڏي، 1890ع ۾ ضلعي سکر جي اڳوڻي ڪليڪٽر ڪرنل مهيون جي مهربانيءَ سان حيدرآباد پڙهڻ ويو. ٻه سال رهي امتحان پاس ڪري مسٽر آرجلين ڪليڪٽر ضلعي سکر وٽ ايڪٽنگ منشي ٿي رهيو. آگسٽ 1895ع ۾ تپيدار مقرر ٿيو ۽ تعلقي اوٻاوڙي ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ تپيدار ٿي رهيو. انهيءَ عرصي ۾ کيس ترقي به ملي ۽ تعلقي سکر جو سپروائيزر مقرر ٿيو، جتان جلد ئي کيس بدلي ڪري، ڳڙهي ياسين ۾ مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ کيس شڪارپور تعلقي ۾ رکيو ويو. شڪارپور جي مشهور عالم ۽ اديب مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جي قافلي سان حج لاءِ روانو ٿيو، جتان موٽڻ بعد حج جو سارو سفر سفرنامي ۾ قلمبند ڪيائين، جنهن ۾ سفر دوران پيش ايندڙ هر هڪ واقعي کي بيت جي صنف ۾ ترتيب ڏئي ’منظوم سفرنامه حج‘ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ مسلم پريس شڪارپور مان ڇپائي مفت تقسيم ڪيائين.
هن 21 فيبروري 1940ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو